گرفتاري جو ڊپ، فواد ۽ مراد پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

گرفتاري جو ڊپ، فواد ۽ مراد پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌري ۽ مراد سعيد گرفتاري جي خدشي سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو فواد چوڌري مراد سعيد گرفتاري جي خدشي تي ادارن جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي اڄ ئي درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻ۽ رليف ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي درخواست ۾ موقف ڏنو ويو ته پوليس ۽ ايف آئي اي کي ڪيس قائم ڪرڻ۽ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله ۽ چئني صوبن جي پوليس کي به ٻنهي اڳواڻن جي خلاف ڪارروائي ۽ حراسان ڪرڻ جي روڪڻ جي اپيل به ڪئي وئي آهي درخواست ۾ وفاقي گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آئي اي ۽ چئني صوبن جي پوليس آئي جيز کي ڌر بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو