اسلام آباد: پالتو ڪتي جو موت، ڊاڪٽر جي ضمانت منظور

اسلام آباد: پالتو ڪتي جو موت، ڊاڪٽر جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جانورن جي اسپتال ۾ پالتو ڪتي مرڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ پالتو ڪتي جي مرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار ڊاڪٽر کي جڊيشل مئجسٽريٽ شعيب اختر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جسماني رمانڊ بدران جوڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي.جوڊيشل رمانڊ منظور ٿيڻ بعد جوابدار جي وڪيل ضمانت جي درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ شقون قابل ضمانت آهن، ضمانت ڏني وڃي.ان موقعي تي عدالت جوابدار ڊاڪٽر کي 50 هزار رپين جي مچلڪي تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو