2 ڪلو وزني سوني تاج واري بادشاهت جي 900 سالا تاريخ

2 ڪلو وزني سوني تاج واري بادشاهت جي 900 سالا تاريخ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II جي وفات بعد چارلس III برطانيا جو بادشاهه بڻجي ويندو. ڇنڇر کان سندس تاجپوشي جون رسمون شروع ٿينديون. 14نومبر 1948 تي رات جو 9 وڄي 14 منٽن تي بادشاهه فلپ ۽ راڻي ايلزبيٿ کي پٽ ڄميو جنهن جو نالو چارلس رکيو ويو، جيڪو هاڻي برطانيا جو نئون بادشاهه بڻبو. 74 سالن جي نئين بادشاهه کي اختيار آهي ته هو چئن نالن، چارلس، فلپ، آرٿر ۽ جارج مان ڪو به نالو چونڊي سگهي ٿو. برطانيا جو نئون بادشاهه ڪامن ويلٿ جو سربراهه به هوندو. هن تنظيم ۾ دنيا جي 56 ملڪن، جن جي آبادي 2.4 ارب آهي، ان تنظيم جو سربراهه به هوندو. انهن 56 ملڪن مان برطانيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ سميت 14 ملڪن جو رياستي سربراهه به هوندو. ٻين ملڪن ۾ آفريڪي ملڪ شامل آهن. هنکي 900 سالن جي پراڻي رسم مطابق ڪينٽر بري چرچ جو آرچ بشپ 2 ڪلو 23 گرام خالص سون جو وزني تاج پهرائيندو. برطانوي بادشاهت جو بنياد 900 سال پهرين وليم بادشاهه رکيو هو. چارلس 40 هون بادشاهه هوندو. فوت ٿيل راڻي ايلزبيٿ 1952 ۾ راڻي بڻي هئي. نئين بادشاهه جي زال ڪميلا نئين راڻي بڻبي.

پهنجو تبصرو موڪليو