ڪنزا هاشمي ۽ شاداب خان سان ڇا هلي پيو؟،سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ

ڪنزا هاشمي ۽ شاداب خان سان ڇا هلي پيو؟،سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ

دبئي (ويب ڊيسڪ)قومي رانديگر شاداب خان ۽ اداڪارا ڪنزا هاشمي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.تازن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جي ٻن وڏين حریفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ دوران جتي ڪيترائي منفرد لمحا جنم ورتو، اتي سوشل ميڊيا صارفين اداڪارا ڪنزا هاشمي ۽ رانديگر شاداب خان جي وچ ۾ خاص رشتي تي تبصرا ڪري رهيا آهن.دبئي ۾ ايشيا ڪپ 2022ع جي سلسلي ۾ پاڪ ڀارت ميچ دوران ڪنزا هاشمي به دبئي ۾ موجود هئي ۽ ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهتي.ڪنزا هاشمي جو ميچ دوران شاداب خان کي سپورٽ ڪرڻ ۽ سندس ڪارڪردگيءَ تي خوش ٿيڻ جو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.ان وائرل وڊيوز ۽ پوسٽن تي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪنزا هاشمي خاص طور تي شاداب خان لاءِ اتي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو