ڪراچي (ن سنڌيار)سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاء سنڌ سرڪار غائيب سماجي تنظيمون ميدان ۾ لٿل آهن مختلف سماجي ـ سوشل توڙي ڪراچي جا شھري ٻوڏ متاثرين لاء مدد ڪرڻ لاء ميدان ۾ لٿل آهن طاھره بيگم ميموريل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين شائسته بيگم سائبان طرفان مختلف ڪئمپن تي واٽر ڪولر ڪپڙا ڪمبل بسڪوٽن جا پيڪٽ ورھايا ويا فيصلو ڪيو ته ضلعي نوشهري فيروز ۾ تمام گهڻي تباھي ٿي آهي ان لاءِ ڪيمپ لڳرائي وڃي ته جيئن صحيح طريقي سان ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جي مدد ڪري سگهون سنڌو آئل ٽريڊرس ڪراچي تي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون خاص طور تي دوائون مڇرداني جي سخت ضرورت آهي جيڪو پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ چاهي ته ڪيمپ تي اچي مدد ڪري سگھي ٿو انهن وڌيڪ چيو ته ھن وقت مختلف ڪيمپن تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جي مدد لاء صرف راشن جي ضرورت آهي جيڪي پيٽ ڀري ماني کائي سگھن










