شوڪت ترين خلاف ڪيس لاءِ قانوني ٽيم ڪم ڪري پئي: رانا تنوير

شوڪت ترين خلاف ڪيس لاءِ قانوني ٽيم ڪم ڪري پئي: رانا تنوير

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جو چوڻ آهي ته آڊيو ليڪ واري معاملي تي شوڪت ترين خلاف ڪيس لاءِ قانوني ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.ننڪانه صاحب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا تنوير حسين چيو ته عمران خان جي مرضي تي آءِ ايم ايف کي خط لکيو ويو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان جي قانوني ٽيم شوڪت ترين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.مهانگائي بابت سوال تي راڻا تنوير حسين چيو ته مهانگائي روڪڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته سڄو ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيو آهي پر عمران نيازي اجلاسن ۾ مصروف آهي، عمران نيازي پنهنجي 4 سالن جي دور ۾ گئس جو ڪو به معاهدو ناهي ڪيو، ملڪ کي ديوال کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.وفاقي وزير چيو ته حڪومت نواز شريف خلاف ڪيس ختم نه ڪندي پر نواز شريف عدالتن مان سرخرو ٿيندو، پارٽي ۾ اختلافن جي افواهن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو