ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي لاءِ اورنج لائين بي آر ٽي (عبدالستار ايڌي لائين) منصوبي جي ٽيسٽ ڊرائيو ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته اورنج لائين منصوبو 10 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.هن چيو ته اورنج لائن بس منصوبو سنڌ حڪومت جي فنڊن سان مڪمل ڪيو ويو آهي.اورنج لائن اورنگي، بنارس ۽ نارٿ ناظم آباد جي شهرين کي محفوظ سفري سهولت فراهم ڪندي.










