راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي فارميشنز کي هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ٽيمن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ ٻوڏ ۽ برساتن سبب قيمتي جانين ۽ مال جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فارميشنز جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جون فارميشنز ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد کي يقيني بڻائين، هر هڪ متاثر ماڻهو تائين پهچن. آرمي چيف هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل آپريشنل تياريون رکيون وڃن.










