ٺٽو(ن سنڌيار) ٺٽي لڳ ڇتوچنڊ ۾ برسات متاثرين جو امداد نہ ملڻ خلاف احتجاج، روڊ بلاڪ، سخت نعريبازي، واھر ڪرڻ جي اپيل، تفصيل موجب ڇتوچنڊ ۽ ان جي اسپاس جي سوين برسات متاثرين عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ ٺٽي ويجھو ڇتوڇنڊ وٽ ٺٽو/حيدراباد قومي شاھراھ تي رڪاوٽون وجھي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪندي چيو تہ تازو پيل برساتن سندن وڏو نقصان ڪيو اھي، سندن گھر مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ آھن، برسات سبب گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جنھن ڪري محفوظ ھنڌن تي اچي پناھ ورتي آھي، پر ضلعي انتظاميہ ٺٽو توڙي چونڊيل ہمائندن پاران کين نظر انداز ڪري رڳو من پسند ماڻھن کي امدادي سامان ڏنو پيو وڃي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ کين تنبو، راشن، مڇردانين سميت مڪمل رليف مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ کين امداد ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رھندو. احتجاج سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون، جنھن ڪري گاڏين ۾ سوار مسافر سخت پريشان ٿيندا رھيا.ان موقعي تي SSP ٺٽو عديل حسين چانڊيو مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪري مسئلن جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.










