الجيريا جي ٻيلي ۾ باهه، 26 ڄڻا سڙي فوت

الجيريا جي ٻيلي ۾ باهه، 26 ڄڻا سڙي فوت

تيونس(ويب ڊيسڪ)الجزائر جي جنگل ۾ باهه لڳڻ سبب 26 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن موجب جنگل ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي ان تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.الجزائر جي گهرو وزير تصديق ڪئي آهي ته باهه جي واقعي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.گهرو وزير چيو ته تيونس جي سرحد ويجهو ٻيلن ۾ باهه جو واقعو پيش آيو، جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر فائٽرز هيلي ڪاپٽر جي مدد وٺي رهيا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب باهه لڳڻ سبب 350 شهري به بي گهر ٿي ويا آهن.ميڊيا رپورٽن موجب اتر الجيريا ۾ هر سال باهه لڳندي آهي ۽ گذريل سال باهه لڳڻ جي واقعي ۾ 90 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته 100 هزار هيڪٽر زمين سڙي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو