75 هين جشن آزادي جي موقعي تي صوبائي وزير جو خصوصي پيغام

75 هين جشن آزادي جي موقعي تي صوبائي وزير جو خصوصي پيغام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ قوم کي پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي ( 75 هين سالگرهه) جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته قوم اڄوڪي ڏهاڙي تي ان عزم ورجائي ته پياري وطن خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائيندا سين. صوبائي وزير خاص طور تي نوجوانن تي زور ڀريو آهي ته هو ڪنهن جي به ڳالهين ۾ نه اچن، ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ جديد علم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي عبور حاصل ڪرڻ تي پنھنجي سموري توانائي خرچ ڪن. جشن آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي خون سان وطن جي حفاظت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن جي به جاگير ناهي ،هي 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي، ملڪ ڪنهن جي خواهشن تي نه ٿو هلي سگهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسانجي وڏن عظيم جدوجهد جي نتيجي ۾ آزاد وطن حاصل ڪيو ھو ۽ اسين خوشنصيب آهيون ته آزاد هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي نظريي مطابق پنھنجي پياري وطن کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻو آهي. ھاڻ اھا اڄوڪي نسل ۽ اسان سڀني جي ذميواري بڻجي ٿي ته مساوات ، برابري ۽ برداشت وارين روايتن کي مضبوط ڪيون ته جيئن قائد اعظم محمد علي جناح جي خواب جي ساڀيان ٿي سگھي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ ۾ جمهوري روايتن کي ھٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي ۽ اعليٰ قيادت سميت هزارين ڪارڪنن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عهد ڪريون ٿا ته پاڪستان کي سمورن خطرن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو