ڪي اليڪٽرڪ جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي وئي ۽ شهر ۾ بجلي بندش جو وقت 14 ڪلاڪن تائين وڃي پهتو آهي.ڪراچي ۾ قهر جهڙي گرمي جي موسم ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي ڊگھي بندش جو سلسلو جاري آهي جنهن سان گرمي جو ستايل عوام پاهه ٿي ويو.شهرين موجب رات جي وقت رڳو ٽي ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي جڏهن ته ڇوٽ مليل علائقن ۾ به ڪيترائي ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ڪراچي جي علائقن بهادر آباد، لياري، نيا آباد، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، سرجاڻي، قائد آباد، قيوم آباد، ڪيماڙي، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۾ به بجلي جي اک ٻوٽ جو سلسلو جاري آهي.ٻئي پاسي ناظم آباد، لياقت آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، اسيڪم 33 به ڊگھي لوڊشيڊنگ سان متاثر آهن.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هر 2 کان 3 ڪلاڪن بعد 3 ساڍا 3 ڪلاڪ بجلي گم رهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو