يوٽيوب ۾ وڊيوز کي زوم ڪرڻ لاءِ فيچر متعارف

اٽاوا(ويب ڊيسڪ)يوٽيوب هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي جيڪو صارفين کي ڪنهن به وڊيو کي زوم ان ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.فيچر کي يوٽيوب جي موبائل ايپ ۾ آزمايو پيو وڃي، پر في الحال اهو صرف پريميئم سبسڪرائبرز لاءِ موجود آهي. پنچ ٽو زوم نالي هڪ فيچر ۾ اهو ممڪن هوندو ته وڊيو کي زوم ڪرڻ به پورٽريٽ يا فل اسڪرين ڏيک ۾ ڪري سگهجي ٿو ڪمپني موجب ان فيچر جي ٽيسٽ پهرين سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن کانپوءِ ان کي وڏي پيماني تي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.ٽيسٽ جي هڪ مهيني کان پوءِ فيچر ۾ تبديلين سان صارف جي راءِ جي بنياد تي ان کي شروع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو