دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون ۽ ٻين پوليس جي آفيسرن دادو ضلعي جي شيعا اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي،جڏهن ته 3 روز تربيتي ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيو ويو،دادو ضلع جي حساس علائقن ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،دهشتگردي واقعن کي نظر ۾ رکندي پڻ اهڙيون پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيو ويون ته جيئن ضلعي دادو ۾ محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن ۾ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي.










