اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا وڌيڪ 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. ملڪ ڪورونا مريضن جي لسٽ ۾ 51هين نمبر تي اچي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 2.81 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 599 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 265 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 455 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مريضن جو انگ 15 لک 48 هزار 394 تائين پهچي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينه سينٽرن، وينٽيليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 10 هزار 4 مريضن مان 170 جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 15 لک 7 هزار 935 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 هزار 315 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 93 لک 79 هزار 125 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 لک 7 هزار 105 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي، هن وقت تائين ڪورونا ويڪسين جون 28 ڪروڙ 10 لک 37 هزار 412 ڊوزون ڏنيون ويون آهن، 12 ڪروڙ 85 لک 17 هزار 278 ماڻهن کي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي وئي آهي. ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 ڪروڙ 25 لک 51 هزار 899 ماڻهن کي بوسٽر ڊوز مليا آهن. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 5 لک 88 هزار 972 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 8 هزار 154 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 5 لک 10 هزار 823 مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته هتي فوتگين جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي جنهن جو انگ 13 هزار 585 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 20 هزار 656 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو مجموعي انگ 6 هزار 327 ٿي ويو آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 1 لک 36 هزار 973 مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته هن وبا سبب ڪل 1 هزار 27 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 43 هزار 479 مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته هتي هن وقت تائين 793 مريض فوت ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 35 هزار 690 مريض سامهون آيا آهن جڏهن ته 378 ڄڻا ان وبا سبب فوت ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا 11 هزار 801 مريض سامهون آيا آهن جڏهن ته هن وقت تائين 191 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.










