آءِ ايم ايف سان معاهدو، ڊالر سستو ٿيڻ لڳو

آءِ ايم ايف سان معاهدو، ڊالر سستو ٿيڻ لڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ اضافو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 1 رپيا 5 پئسا سستو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊالر 209 رپيا 5 پئسا سستو ٿي ويو آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت 1 رپيا 50 پئسا گهٽتائي سان 210 رپيا ٿي وئي آهي.ان کان اڳ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 85 پئسا گهٽجي 209.25 رپيا ٿي وئي هئي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا گهٽجي 211 رپين جو ٿي ويو هو.
پاڪستان اسٽاڪ ۾ مثبت رجحان
ٻئي طرف آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان معاهدي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپار جو مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 129 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 41992 جي سطح تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو