جهلم (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال سان عورتن جي بدتميزي تي تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري وفاقي وزير کي دلچسپ مشورو ڏئي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ احسن اقبال کي ڏسي عورتون چور چور جا نعرا هڻي رهيون آهن. ان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جناب وڊيو ۾ ته توهان جي رڳو بي عزتي نظر آئي آهي، توهان ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪيو ۽ ماڻهن ۾ برقعو پائي ويندا ڪيو.










