سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال سان تحريڪ انصاف جي حامي عورتن جي بدتميزي جي وڊيو وائرل ٿي وئي اهو واقعو ڀيرا انٽرچينج تي مڪڊونلڊز جي برانچ ۾ پيش آيو، جتي احسن اقبال کي ڏسي پي ٽي آءِ جي حامي عورتن چور چور جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورتون نعرا هڻي رهيون آهن، جڏهن ته احسن اقبال ساڻن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي نعريبازي ڪنديون هليون ويون.










