عثمان بوزدار جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ۾ طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ)اينٽي ڪرپشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب عثمان بوزدار جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري طاهر خورشيد تي رشوت وٺڻ جو الزام آهي، کيس 6 جولاءِ تي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته طاهر خورشيد تي سرڪاري منصوبن ۾ ڪروڙين رپيا وٺڻ جو الزام آهي، مٿس آفيسرن جي بدلي ۽ پوسٽنگ جا پئسا وٺڻ جو به الزام آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب طاهر خورشيد تي روڊن جا ٽينڊر منظور ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا وٺڻ جو الزام آهي، مٿس ۽ وسيم طارق تي منصوبي لاءِ اضافي فنڊن جي منظوري لاءِ ڪروڙين رپيا وٺڻ جو به الزام آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب چيف انجنيئر سي اينڊ ڊبليو وسيم طارق کي گذريل مهيني گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو