باڊهه (ن سنڌيار) “آ حق اسان جو تعلقو باڊهه، توکي ڏيڻو پوندو تعلقو باڊهه، توکان وٺي رهنداسين تعلقو باڊهه” باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف باڊهه تعلقا موومينٽ پاران موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان حيدرچوڪ تائين ريلي ڪڍي 172هين هفتي به احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن رواداري تحريڪ سنڌ جو صدر محمد پنهل ساريو، عزيز بروهي، دودو ديشي، محمد علي خشڪ، علي انور عسڪري، ڪامريڊ منور نوناري، اصغر نوناري، ڊاڪٽر عبدالستار منگي، حاڪم منگي، زاهد منگي، جان محمد مغيري، منظور علي نوناري، علي رضا نوناري، نبي رضا بلوچ، محمد هاشم مدني سومرو، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد امين سيال، جي ايم چنجڻي، مور سنڌي، نادر علي سومرو، لياقت چنه، پورهيت اڳواڻ محمد قاسم چنه، فقير جلال ساريو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باڊهه واسي باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان گذريل 3 سالن کان احتجاج ڪري سنڌ حڪومت توڙي مقامي چونڊيل نمائندن کي پنهنجا ڪيل واعدا ياد ڏياري باڊهه تعلقي جي گهر ڪري رهيا آهن پر افسوس جا وقت جا حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي شهرين جي مسلسل جدوجهد کي نظر انداز ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ باڊهه شهر هن جديد دور ۾ به تعلقي جي درجي سميت بائي پاس، پبلڪ پارڪ، ٽيڪسي اسٽينڊ، پبلڪ لائبريري ۽ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي. باڊهه کان آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان اڌ کان به ننڍا شهر تعلقا بڻجي ويا پر باڊهه شهر کي سياسي مفادن سبب تعلقي جي درجو نه ٿو ڏنو وڃي جنھن سبب شهرين ۾ سخت ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي. باڊهه تعلقا موومينٽ پاران باڊهه تعلقي جو سمورو پيپر ورڪ مڪمل ڪيل آهي جنهن جا دستاويزات به موجود آهن. وڌيڪ هنن چيو ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر سميت ٻاهرين ملڪن، سعودي، دبئي، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ لنڊن ۾ مڪين باڊهه واسين احتجاج ڪري باڊهه تعلقي جي گهر ڪري ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. وڌيڪ هنن چيو ته باڊهه شهر هميشه پيپلزپارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي. پيپلزپارٽي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس وني بيگم نصرت ڀٽو سميت مقامي چونڊيل نمائندا وڏي اڪثريت سان هميشه اليڪشن ۾ سوڀارا ٿيندا رهيا آهن. پر اليڪشن ۾ سوڀ ماڻڻ بعد باڊهه شهر کي نظرانداز ڪرڻ سبب شهرين هن ڀيري پيپلزپارٽي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي پنهنجي غصي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو عمل باڊهه تعلقا موومينٽ جي فتح سمجهون ٿا. هنن چيو ت اڳتي به ائين ئي رهيو ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڌچڪو لڳندو. وڌيڪ هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت علاقائي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊهه واسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ بلدياتي اليڪشن جيان مڪاني چونڊن ۾ به شهري پيپلزپارٽي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندا ۽ باڊهه تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان اسان جي جدوجهد تيستائين جاري رهندي جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو










