آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، ٽيڪس وصولي جو هدف وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو)حڪومت ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. آءِ ايم ايف ترجمان موجب پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ايندڙ سال ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بهتر بڻائڻ جي پاليسين تي ڳالهيون جاري آهن.ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 7 هزار 5 ارب رپين مان وڌائي 7 هزار 450 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪسٽم ڪليڪشن جو هدف 950 ارب رپين مان وڌائي 1 هزار 5 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي في ليٽر 5 رپيا في ليوي لاڳو ڪرڻ ۽ جي ايس ٽي وصولي جو هدف 3 هزار 8 ارب رپين مان وڌائي 3 هزار 300 ارب رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب انڪم ٽيڪس وصولي جو هدف 55 ارب رپيا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 11 سيڪڙو جي شرح سان لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ پيٽروليم شين تي 5 رپيا في ليٽر مهانگو لڳائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو