ٽيليگرام پاران پريميئم سروس متعارف

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ٽيليگرام هڪ پريميئم سروس متعارف ڪرائي آهي جنهن ۾ ميسيجنگ ايپ جا صارف هڪ مهيني جي فيس تي مختلف خاص فيچرز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا.سروس جو اعلان جون جي شروعات ۾ ڪيو ويو ۽ ھاڻي سرڪاري طور تي شروع ڪيو ويو آھي مھينو فيس 5 5 رپيا.هن پيڊ سروس کي استعمال ڪندڙ صارف 2GB بدران 4GB فائل موڪلي سگهندا جڏهن ته ڊائون لوڊنگ جي رفتار تيز ٿي ويندي.پريميئم سروس استعمال ڪندڙ صارف هڪ هزار چينلز کي سبسڪرائب ڪري سگهندا، في الحال عام صارف 500 کان وڌيڪ چينلز جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي. اهڙي طرح، پريميئم استعمال ڪندڙ 20 چيٽ فولڊر ٺاهي سگهندا، 10 اسٽيڪرز محفوظ ڪري سگهندا، 10 چيٽ پن شامل ڪري سگهندا ۽ 4 ٽيليگرام اڪائونٽس شامل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو