ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلي ۾ پئٽروليم ۽ ٻين شين جي مھانگائي ۽ لاقانونيت خلاف سنڌ سڄاڳ نوجوان تحريڪ جي سڏ تي شھرين انوکو احتجاج ڪري وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھٿن ۾ موٽرسائيڪلون ڪاھي گھنٽه گھر چوڪ کان ريلي ڪڍي ھڪ ڪلاڪ تائين ڀٽائي چوڪ آڏو ھنن ڌرڻو ھنيو.جڏھن ته مظاھرين جي ھٿن ۾ حڪمرانن ۽ آء ايم ايف توڙي پئٽروليم ۽ ٻين شين جي وڌيڪ اگھن خلاف نعرا لکيل ھئا. ان موقعي تي نصرالله گڏاڻي ،عبدالمجيد جلباڻي، سڪندر سميجو، الھڏنو سميجو، عمار دايو ، قادري چنڙ مجيب مرڻاس جمال ڪورائي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن جي نااھلي، بيحسي ۽ ڪرپشن سبب پئٽروليم جي مصنوعات جا اگھ انتھائي وڌايا ويا آھن. جنھن سبب کاڌي پيتي سميت ھر شيء جا ريٽ آسمان تي پھچي ويا آھن. حڪمرانن سان گڏ مافيه پاران ھٿراڌو قيمتون وڌائي عام ۽ غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آھي.وڌايل اگھن سبب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھن ۽ بک،بدحالي، بريوزگاري ۽ مھانگائي سبب غريب ماڻھو اجتماعي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.ھنن وقت جي حڪمرانن کان حڪمرانن ، نمائندن، عدليه ۽ فوج جي آفيسرن سميت سڀني آفيسرن کان مفت جون ڏنل تيل گيس بجلي ۽ ٻيون سھولتون ختم ڪري تيل جا اگھ گھٽائڻ جو مطالبو ڪندي ٻي صورت نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪري مرڻ گھڙيءَ تائين ڌرڻو ھڻڻ جو ھنن چتاءُ ڏنو.










