صدر جهنگن ۾ باهه لڳڻ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار

صدر جهنگن ۾ باهه لڳڻ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي مختلف حصن ۾ جهنگن ۾ باهه لڳڻ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙن واقعن سان عوام کي سخت خطرا لاحق ٿي رهيا آهن جهنگلي جيوت کي نقصان پهچي رهيو آهي آچر تي جاري ڪيل پڌرائي مطابق صدر چيو ته اهڙي قسم جا واقعا قوم کي گهڻو مالي نقصان ڏئي رهيا آهن ان سان گڏوگڏ هي موسمياتي تبديلي ان جي ناڪاري اثرن کي وڌيڪ وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته جهنگن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن کي روڪي سگهجي ٿو هن چيو ته 85 سيڪڙو واقعن جو سبب ڪيمپ فائر، باهه کي صحيح نموني نه وسائڻ اوزار خراب هئڻ، سگريٽ ۽ ڄاڻي واڻي باهه لڳائڻ آهي صدر چيو ته باهه جهنگلي جيوت کي ختم ڪري ٿي پکين جا اکيرا ختم ڪري ٿي صدر چيو ته هي زمين جي زرخيزي کي نقصان رسالي ٿي جنهن سان ساوڪ تي ناڪاري اثر پوي ٿو. اهڙن واقعن سان فضا ۾ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ به وڌي وڃي ٿي هن چيو ته لاڳاپيل عملدار ٻيلن ۾ باهه لڳڻ وارن واقعن کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل هم آهنگي کي مضبوط ڪن عارف علوي چيو ته فائر مئنجمينٽ جا طريقا مڪمل لاڳو ڪيا وڃن انهن واقعن جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تجزئي جي نظام کي ٺيڪ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو