خواجا آصف پاران هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز

خواجا آصف پاران هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته موجوده حالتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل هجي، ڇنڇر، آچر موڪل ۽ جمعي تي اڌ ڏينهن ڪم هجي، معنيٰ هفتي ۾ ساڍا 4 ڏينهن ڪم هجي. هن چيو ته ڪم جي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ آفيسر جو دورانيو وڌايو وڃي، ائين روڊن تي ٽريفڪ گهٽ ٿيندي، تيل ۽ بجلي ٻنهي جي بچت ٿيندي، اهڙن قدمن سان بچت مهم جي ڪلچر کي هٿي ملندي. واضح رهي ته شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن موڪل جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو پر حڪومت پوءِ ان کي بحال ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو