باپ جو باپ به سوچيندو هوندو ته ڇا ٿي ويو: شيخ رشيد

باپ جو باپ به سوچيندو هوندو ته ڇا ٿي ويو: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير شيد رشيد چيو آھي ته باپ جو حقيقي باپ به سوچيندو هوندو ته ڇا ٿي ويو، حڪمران جون ۾ قيامت جهڙي مهانگائي ڪرڻ وڃي رهيا آهن، عوام مهانگائي خلاف رستن هوندو ۽ حڪومت گهر ۾ هوندي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته هاڻي عمران خان رستن تي ايندو ۽ سڄي قوم ساڻس گڏ هوندي، راڻا ثناءُ الله ملڪ ۾ بدمعاشي مچائي ڇڏي آهي، هُن منهنجي ڀيڻين جي گهرن تي چڙهايون ڪرايون، ياد رکو حڪومت سدائين ناهي رهندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت پڇيل سوال تي شيخ رشيد چيو تھ پرڏيھي وزير اڃا تائين پرڏيھي دورن تي آھي، پنھنجي آفيس ناھي ويو، عمران خان پوري 3 سالن ۾ جيترا غير ملڪي دورا نھ ڪيا ھنن ٻن مھينن ۾ ڪري ورتا آھن ملڪ ۾ جاري مھانگائي جي حوالي سان ڳالھائيندي شيخ رشيد چيو تھ جون ۾ ھي جيڪي قيامت خيز مھانگائي ڪرڻ وڃي رھيا آھن، عوام انھن خلاف رستن ۽ ھيءَ حڪومت گھر ۾ ھوندي

پهنجو تبصرو موڪليو