بجلي جي اگهن ۾ پهرين جولاءِ کان واڌ جو امڪان

بجلي جي اگهن ۾ پهرين جولاءِ کان واڌ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو)پهرين جولاءِ کان بجلي جي قيمت ۾ 8 رپيا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي.توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بنيادي ٽيرف جي بنياد تي ڪئي ويندي ۽ واڌ جو فيصلو نيپرا جي 10 بجلي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ نيپرا طرفان فيصلا متوقع آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلو جاري ٿيڻ بعد پاور ڊويزن بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ڪري سگهندي ۽ نيپرا جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت به ٽارگيٽڊ سبسڊي بابت فيصلو ڪندي،ذريعن موجب پيٽرول جي قيمتن، ڊالر جي بلندي، گردشي قرضن ۽ ڪمپنين جي خساري سبب بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيندي.ذريعن موجب هن وقت ملڪ ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف 2 روپين کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو