کنڀي گم ڪيل عمران راھمون جي وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

کنڀي گم ڪيل عمران راھمون جي وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

بدين(ن سنڌيار) ڳوٺ دنگار ڪڙيو گھنور جي نوجوان عمران راھمون کي نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن محمد يعقوب راھمون، عبدالرزاق، رجب، سمي، آسي، سڪينا راھمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته نوجوان عمران راھمون 25 اپريل تي دادو ضلعي دوستن سان گڏ گھمڻ ويو جتان نامعلوم ماڻهن پاران کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. ھنن چيو ته نوجوان جي گم ٿيڻ جي ڪري وارث تمام گهڻو پريشان آهن. مظاهرو ڪندڙ راھمون برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ھڻن پاران ڪڙيو گھنور ۾ پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو پر ساڻن انصاف نه ٿيو. ھنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان عمران راھمون کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو