اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ رد، اجلاس ملتوي

اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ رد، اجلاس ملتوي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جو اجلاس اڄ منجهند جو طلب ڪيو ويو آهي. اسپيڪر پرويز الاهي اڳ ۾ 30 مئي تي اجلاس طلب ڪيو هو جيڪو هن اوچتو 22 تي گهرايو. مسلم ليگ (ن) اسپيڪر پرويز الاهي ۽ پي ٽي آءِ وارن ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري خلاف عدم اعتماد جون رٿون جمع ڪرايون آهن. ڪافي دير بعد ايوان جو دروازو کليو ۽ ميمبرن اچڻ شروع ڪيو. جنهن بعد ڇڪتاڻ وارو ماحول هو. پينل آف چيئرمين جي ميمبر جي صدارت ۾ ڪاروائي شروع ٿي ته اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي ڪاروائي شروع ٿي ۽ اها تحريڪ پيش ڪندڙ ميمبر سميع الله کي تحريڪ پيش ڪرڻ جو چيو ويو، هر هر سندس نالو پڪاريو ويو پر هو موجود نه هو. جنهن سبب عدم پيروي جي بنياد تي تحريڪ نمٽائڻ يعني رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تقريبن 9 منٽن جي ڪاروائي بعد اجلاس 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي ڪاروائي ٿيندي. اسمبلي اجلاس کا اڳ پنجاب اسمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي، پارلياماني معاملن واري ڊي جي عنايت الله لڪ جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا آهن پر هو موجود نه هئا. جڏهن ته پنجاب پوليس اسمبلي جي سيڪريٽري ڪوآرڊينيشن راٰ ممتاز کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس سندس گهر جون ديواري ٽپي داخل ٿي. پرويز الاهي گرفتاري ۽ ڇاپن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه شهباز شريف جي ناجائز حڪومت جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي جنهن جي مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته اسمبلي پهچڻ کان ڪير ڪنهن ميمبر کي روڪي نٿو سگهي. هن سڀني ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اسمبلي پهچو. ياد رهي ته حمزا شهباز کي ووٽ ڏيڻ سبب پي ٽي آءِ جي 25 ايم پي ايز جي ڊي سيٽنگ کانپوءِ اسيمبلي جي ميمبرن جو انگ 346 ٿي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جا 165 ايم پي ايز آهن جن مان 5 شرقپوري گروپ تازو ئي پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏي آهي. مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي 160 ايم پي ايز جي پٺڀرائي کان علاوه پ پ جا 7 ايم پي اي، 4 آزاد ۽ هڪ راہ حق پارٽي جو ايم پي اي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسلم ليگ ن وٽ 172 ووٽ آهن. ٻئي طرف پرويز الاهي جي مسلم ليگ ق ۽ سندس اتحادي پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 168 آهي، پر پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ جي اتحاد کي يقين آهي ته اهي مسلم ليگ (ن) جي باغي 5 ميمبرن، عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص 5 سيٽون حاصل ڪندا جڏهن ته ن ليگ جي دعويٰ آهي ته ٻه مخصوص سيٽون کين ملنديون. پنجاب اسمبلي جي ٻاهران وڏي تعداد ۾ فساد ناڪام بنائڻ وارا پوليس دستا پهچي ويا آهن. پنجاب اسمبلي ۾ سيڪورٽي سخت ڪئي وئي آهي، ڪيترن ملازمن کي به وڃڻ نٿو ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو