جلد پاڪستان ڇڏيو، مشي خان جي عامر لياقت تي تنقيد

جلد پاڪستان ڇڏيو، مشي خان جي عامر لياقت تي تنقيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اداڪارا مشي خان قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ٽوئيٽر تي مشي خان هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ عامر لياقت جي پاڪستان ڇڏڻ جي اعلان بابت بيان تي تنقيد ڪئي، مشي خان چيو ته عامر لياقت روز ڪيمرا آن ڪري پنهنجي فلاپ اداڪاري جي شروعات ڪري ٿو، ڪڏهن روئي ٿو ۽ ڪڏهن چوي ٿو ته مان پاڪستان ڇڏي رهيو آهيان ته پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي؟مشي خان عامر لياقت کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي ٽڪيٽ جو مسئلو آهي ته اسان سڀ توهان جي ون وي ٽڪيٽ وٺي اچون ٿا ته جيئن توهان اتي وڃو ۽ ذهني سڪون حاصل ڪري سگهو.قومي اسيمبلي ميمبر تي تنقيد ڪندي اداڪارا چيو ته اوهان جي غرور ۽ انعامن اوهان کي غرق ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن اوهان جنيد جمشيد ۽ سندس والده لاءِ لفظ چيا هئا، ان ڏينهن مان حيران ٿي ويس، بس اهو ئي رهجي ويو جيڪو اوهان چيو هو. جنيد جمشيد هڪ سٺو انسان هو جنهن جواب ۾ صرف ايترو چيو ته مان ۽ منهنجو گهروارو توهان جي ڳالهين سبب تمام گهڻو غمگين آهي، بعد ۾ هو گذاري ويو. اداڪارا پنهنجي بيان ۾ چيو ته عامر لياقت کي جلد کان جلد پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڇڏڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سندس عزت هاڻي نه رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو