آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)سنڌ جي حصي جو چورايل پاڻي موٽائي ڏيو..سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ۽ حصي جو پاڻي نہ ڏيڻ خلاف مٺياڻي يوٿ ڪميٽي طرفان ٺاروشاھ اسٽاپ مٺياڻي کان سائين جي ايم سيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي تہ سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو تہ اڳ ئي هو پر هاڻي سنڌ جي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن جو سڌو سنئون هٿ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جو آهي اهڙي حرڪت سبب سنڌ لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آهن، ڪوٽڙي کان بدين تائين جون لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڙي ويا آبادڪار ۽ هاري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب ۾ چوري ٿي ويو جنهن جو ذميوار پنجاب آهي، سنڌ طاس معاهدي تحت پنجاب پاڪستان جا 3 دريا وڪڻي 1960 کان پنهنجي حصي ۽ سنڌ جي حصي جو 65 سيڪڙي کان وڌيڪ پاڻي چورائي رهيو آهي، گذريل 20 سالن ۾ سنڌ جي 3 ضلعن جي 8000 چورس ڪلوميٽر زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي ڇو تہ سمنڊ سنڌو جي پاڻي جو مناسب مقدار ڪون ٿو پهچي، سنڌ جي 3 ساحلي 20 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جر جي کاري ٿيڻ کي غير آباد ٿي وئي آهي، سنڌ جي هر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي وارابندي ۾ پاڻي نہ اچڻ ڪري سنڌ جا ڪيترا هاري ۽ آبادگار فصلن جي منافعي بجاءِ نقصان کي منهن پيا ڏين، عالمي قانون موجد دريائن ۽ ڍنڍن تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي پر هتي پڇڙي وارن کي هٿ سان تباھ پيو ڪيو وڃي. احتجاجي ريلي کي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي حصي جي پاڻيءَ جو پرزور مطالبو ڪيو، احتجاجي ريلي ۾ شھرين، آبادگارن، هارين، پورهيتن، شاگردن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن، ڪارڪنن جي ڀرپور شرڪت. ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو