ڪيڊٽ ڪاليج سان منظور ٿي آهي: اياز شاھه

سجاول (ڊ ر) پ پ پ ايم اين اي سيد ايازعلي شاھ شيرازي جي ڪوششن سان سجاول ضلعي لاء ٻہ ميگا پروجيڪٽ ڪيڊٽ ڪاليج سجاول اسپورٽس يوٿ ھاسٽل سجاول منظورعوام ۾ خوشي جي لھر پ پ پ ايم اين اي ھتي مختلف وفدن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ٻڌايو ته سجاول جاتي روڊ تي ڪيڊٽ ڪاليج وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاهه جي تعاون سان منظور ٿيو آهي ان لاء ڊي سي سجاول پاران 88 ايڪڙ زمين جي منظوري لاء چيف سيڪريٽري سنڌ کي ليٽر لکيو ويو آهي اھو منصوبو 4 ارب روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو جنھن ۾ 2 ارب روپيه سنڌ حڪومت ادا ڪندي باقي رقم پاڪستان نيوي تعاون ڪندي ھن چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سجاول سميت پنج ضلعن جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ تعليمي لحاظ کان پڻ وڏو فائدو ٿيندو ان کان علاوه سيد اياز علي شاهه شيرازي ٻڌايو ته راندين بابت وزير اعلا سنڌ جي خصوص معاون پارس ڏيرو جي تعاون سان سجاول ضلعي ۾ يوٿ ھاسٽل پڻ قائم ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ مختلف ضلعن جي ٽيمن جي رھائش سان گڏ انھن کي راندين جي سکيا ڏني ويندي جنهن لاءِ پڻ ڊي سي سجاول زمين جي منظوري لاء چيف سيڪريٽري کي ليٽر لکيو آهي انشاءَ الله انھن منصوبن جي منظوري سان سجاول ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان وڏو انقلاب ايندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو