آسٽريلوي ڪرڪيٽر اينڊريو سائمنڊز ڪار حادثي ۾ فوت

سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جو اڳوڻو آل رائونڊر اينڊريو سائمنڊ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.46 ورهين جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪيٽر جي ڪار آسٽريليا جي شهر ٽائونسويل ۾ حادثو پيش آيو، جتي اينڊريو سائمنڊز جي ڪار روڊ تان اونڌي ٿي وئي. آسٽريلوي پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڪار رات 11 وڳي کان ٿوري دير کانپوءِ ٽائونسويل جي ويجهو حادثو پيش آيو، ڪار ۾ سوار 46 سالن جو شخص هو برداشت نه ڪري سگهيو. آسٽريلوي ميڊيا موجب اينڊريو سائمنڊز جي گهرواري به واقعي جي تصديق ڪندي همدردن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پرائيويسي جو احترام ڪرڻ جو چيو.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر اينڊريو سائمنڊز جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سائمنڊز جي حادثي ۾ موت جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو