ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪالهه شانگلا ۾ هڪ شخص چئي رهيو هو ته پنهنجا ڪپڙا وڪڻي ڇڏيندس، بلاول پنهنجا بدبودار ڪپڙا به خريد نه ڪندو.ايبٽ آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري کانسواءِ سموريون پارٽيون چونڊن لاءِ تيار آهن، ايبٽ آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري کانسواءِ سموريون پارٽيون چونڊن لاءِ تيار آهن.شيخ رشيد چيو ته منهنجي خلاف 11 هنڌن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، مان نه ڊڄان، هي ٻن ووٽن جي اڪثريت واري حڪومت آهي، هي پاڪستان جي زندگي ۽ موت جي تحريڪ آهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڊيزل هن ملڪ جو صدر ٿيڻ چاهي ٿو، عمران خان پرڏيهي سازش جو نشانو هو، ڪالهه اي اين ايف 15 شاهد پيش ڪيا.شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قسمت جيل ۾ لکي وئي آهي.










