سنڌ ۾ گرمي وڌيڪ جاري رهڻ جي اڳڪٿي

سنڌ ۾ گرمي وڌيڪ جاري رهڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي وڌيڪ جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اندرون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هن وقت رڪارڊ گرمي پئجي رهي آهي. اها لهر هڪ هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين ضلعن جو گرمي پد 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اندرون سنڌ جا علائقا 11 کان 15 مئي دوران سخت گرمي هيٺ رهندا. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته آچر تي گرمي پد 35 کان 37 ۽ سومر تي 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. پر ان دوران اتر، اولهه ۽ ڏکڻ مغرب کان هوائون لڳي سگهن ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو