ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبيراعلان ڪيو آهي ته پاڪستان م ڪٿي به چنڊ ڏسڻ جي شاهدي نه ملي آهي ان ڪري عيد الفطر اڱاري تي ملهائي ويندي. ياد رهي ته سعودي عرب ۽ لبيا ۾ به چنڊ گذريل ڏينهن نظر نه آيو هو ۽ 30 روزا مڪمل ٿيڻ بعد انهن ملڪن ۾ عيد سومر تي ملهائي ويندي. پاڪستان ۾ به سومر تي تيهون روزو ٿيندو ۽ عيد اڱاري تي ٿيندي.










