اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف 13 رڪني وفد سان گڏ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪالهه مديني منوره پهتو.وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي، وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، شاهه زين بگٽي، چوڌري سالڪ حسين، خواجا آصف، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، خواجا آصف ۽ ايم اين اي محسن داوڙ به گڏ آهن، شهباز شريف جا 4 پرسنل اسٽاف ميمبر شهباز شريف سان گڏ آهن. بعد ۾ وزيراعظم ۽ سندس وفد روضه رسول تي حاضري ڀرڻ لاءِ پهتو، جتي مسجد نبوي جي احاطي ۾ ڪجهه ماڻهن نعرا هڻڻ شروع ڪيا.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه ماڻهو مريم اورنگزيب ۽ شازين بگٽي کي گهيري رهيا آهن ۽ انهن خلاف وڊيوز ٺاهي انهن خلاف نعرا هڻي رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف جي دوري جي موقعي تي مسجد نبوي ۾ ڪجهه ماڻهن جي نعري بازي تي سماج جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران سخت تنقيد ڪئي وئي آهي.وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان حرم شريف ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي اڄ روضي رسول جي حرمت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. محبت، امن ۽ سلامتي جي جاءِ کي سياست لاءِ استعمال ڪيو ويو.










