طفيل مگسي
اھا بنه حقيقت آھي ته اسان وٽ حڪمران.حڪومتي آفيسر ۽ سندن ڪرتا ڌرتاظاھر ۾پنهنجي مقدار آمدني جي باوجود پنهنجن بي پناه اختيارن ۽ سرڪاري ادب وآداب جي بدولت شھنشاھن واري زندگي گذاري رهيا آھن.بدعنواني.رشوت۽ گهوٻيون انهن جي لاء روزمره جو معمول بڻجي ويون آھن.ايستائين جو ٽيڪس جا ڪلارڪ.روڊس جا آفيسر يا مختلف کاتن جا آفيسر ۽ ننڍڙي پيماني جا ملازم به شامل آھن.(جن کي حمران طبقي جا کاٽو پٽ چئي سگهجي ٿو) اهي لکن ۽ ڪفوڙن جا مالڪ آھن.حڪمران طبقي کان وٺي وچولي طبقي سان لاڳاپيل خاص ماڻھن جي نه صرف ملڪيت جي ڪا ڪٿا ملي سگهي ٿي انهن جو ڪو پتو پئجي سگهي ٿو.انهن جي گهرن جا فرنيچر.قالين.جديد بورچيخانه.ايئرڪنڊيشنون..ريفريجيٽر.ڪپڙا.زيور.سونهري واچون.سونهري گهڙيال.هيرن جواهرن جاهار ومنڊيون.مارڪيٽنگ ۽ شاپنگ.پارٽيون ۽ دعوتون سڀ جون سڀ سندن جي بدعنواني ۽ رشتور خوري جو چٽيون نشانيون آھن.ليڪن افوس ته 70 کان وٺي انگريزن جو جوڙيل قانون يعني عدالتون يا ادارا انهن جي خلاف ڪابه جانچ وغيره نٿا ڪري سگهن بلڪ اهي پڻ انهن جي اڳيان کوڏا کوڙيون پيا آھن.عدالتن جي حالت اها آھي ته اتي ڀلي ڪيڏو به ڪروڙن ۡ۽ اربن جو قومي چور ڇو نه هجي.ليڪن عدالت کي ثبوت جي ضرورت هوندي آھي.ثبوت نه هئڻ جي ڪري ڏوھارين کي ڪو به چوڻ وارو نٿو رهي.ليڪن عوام جي عدالت جا اهي خانداني پڪا ۽ عادي ڏوهاري آھن. ماڻھو بحيثيت قوم جي پنهنجي نجي ۽ قومي دولت کي انهن سفيد پوش مهذب ڦورن جا هٿان بربادي ٿيندي روزاني صبح وشام اکين ڏسن ٿا ۽ بي وسي جي عالم ۾ بس ڏسندا ئي رهجي وڃن ٿا.انهن جي خلاف هڪ ڀڻڪ به نٿي ڀڻڪي وڃي.جتي جبر جي نظام اڪثريتي سگه جي چپن کي خوف .ڊپ ۽ ڏھڪاء جي ڌاڳن سان سندن چپ سبي ڇڏيا هجن.اتي اهڙي صدا ڪئين ٿي پڙاڏو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ انهن سمورن ڪارن ڪرتوتن کي ماڻھو ته کليل اکين سان ڏسي رهيا آھن.پر حڪومتون سدائين بند اکين سان ڏسن ٿيون.ڇاڪاڻ ته اهي حڪومتون جا پاڻ مها ڪرپٽ ۽ بند عنوان آھن.قوم ۽ عمل تضاد قوم کي ٻاٽ اونداهيء جي اونهن کڏن َ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي ۽ جڏھن اها ناجائز ڪمائي جڏھن تصور ۾ اچي پنهنجو رنگ ڄمائي ٿي ته معاشري نهايت ئي پنهنجا زهريلا اثر ڏيکاري ٿي.بدعنوان.رشوت خور ۽ ڦورن.ڌاڙيلن جي طبقن جي حصي ۾ اوچائي ۽ عياشي اچي ٿي.۽ محڪوم طبقن کي بک.بدحالي.مهانگامي.عصمت فروشي ۽ منشيات جهڙين لعنتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو.اڄ جي بدعنوان ماحول جي ڪري اسان جي قوم پنهنجي اها سڃاڻپ وڃائي ويٺي آھي.جڏھن ماڻھو شرافت ۽ سادگي کي زندگي جو معراج تصور ڪندا هئا.۽ محنت ڪري رزق حلالسان گڏ پنهنجي ۽ پنهنجن ڪٽبن جا پرپرش ڪندا هئا. جڏھن ته هن وقت زندگي جو معيار حرام جي پئسن جي ڳٺڙي نلڪ وڏي ڀري هجي.دولت جي حاصلات کانسواء ڪو به قدر يا ڪردار ناهي رهيو.بلڪ دولت ئي عزت ۽ شھريت ٿي پئي آھي.ماڻھو هڪ ئي رات ۾ امير ٿيڻ جا جتن ڪري رهيآھن.هن معاشري ۾ سرڪاري ملازم به دولت کي ڏانداري سان ميڙي رهيا آھن ته جيئن عزت ۽ شان وشوڪت وارا سمجهيا وڃن.جڏھن ته رشوت خورن.بدعنوانن ۽ دللت جي پوڄارين جي وچ ۾ ڪي ايماندار انسان به آھن.مگر انهن جي حيثيت اٽي ۾ لوڻ جي برابر آھي.جيڪي پڻ پنهنجن ماتحت آفيسرن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ کانائين ڇرڪن ٿا جيئن گدڙ پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪندو آھي.شايد ان ڪري ته متان پنهنجن ماتحت آفيسرن جي ڏمر هيٺ اچي وڃن. هي ڪهاڻيون پڻ عام آھن ته حڪومتون به پنهنجي ڪرندڙ ساک کي سهارو ڏيڻ جي لاء ايمان وڪرو ڪندڙ آفيسرن. جون خدمتون حاصل ڪن ٿيون.وزيرن.مشيرن ۽ اعلي آفيسرن جي دورن ۽ معائنن جي وقت حرام جي ڪمائي منجهان کين کي وڏيون وڏيون دعتون يا پروٽوڪول ڏنو وڃي ٿو.تحفا پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ گهٽ پگهار کي رشوت جو جواز پيش ڪيو وڃي ٿو.مطلب ته بدعنواني.ز۽ رشوت وحرام خوري جو وائرس هنئر تاتجي نپجي ته ايترو طاقتور بڻجي ويو آھي ته ڪا به دوا ان تي اثر نٿي ڪري.هينئر ڪو به ليڊر.ڪوبه ڊاننشور ۽ مذھبي اڳواڻ اهڙو ناهي رهيو جيڪو ان لعنت جي خلاف آواز بلند ڪري ۽ ان لعنت جي مورڳو پاڙ ئي پٽي ڇڏي.ليڪن اهي جڏھن پاڻ ئي ملوث ھوندا ته آواز ڇو بلند ڪندا.مٿين بحث کان پوء ڪجه هيٺ تجويزون پيش ڪجن ٿيون( جنهن تي شايد عمل نه ٿي سگهي ڇو ته هن ملڪ ۾ 95 سيڪڙو عوام بدعنوان ۽ رشوت خور ٿي چڪو آھي) ته جنهن سان هوند مٿين ڳالهين تي ڪجه ضابطو آڻي سگهجي ٿو.*ڊويزن ۽ ضلع سطح تي هر هڪ سرڪاري محڪمي جي سربراهي جي لاء اهڙا آفيسر مقرر ڪيا وڃن.جن جي ايمانداري شڪ وشھبي کان پاڪ هجي.
اقربا پروري .سفارش.ۡ۽ رشوت ذريعي ٿيڻ وارين مقررين کي ختم ڪيو وڃي.
حڪومتون پنهنجي سياسي اثر ورسوخ وڌائڻ جي لاء نوڪر شاهي کي استعمال ڪرڻ بند ڪن.
پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ عياشي واري زندگي گذارڻ واري آفيسر کي بدعنوان قرار ڏنو وڃي.
بدعنواني ۽ رشوت جهڙي غليظ شھريت رکڻ واري سرڪاري نلازم جي خلاف فورن انڪوائري ٿيئي.
سرڪا آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجي هيڊڪواٽرن ۾َمسقل رکڻ جو پابند ڪيو وڃي.
بدعنواني ۽ رشوت جي شڪايت تي محش بدلي جي سزا نه بلڪ سسپينڊ ڪيو وڃي.
سرڪاري ملازمنجي پگهارن جي ادائيگي جو طريقو به تنديلي جو طلبگار آھي.
سرڪاري ملازمن کي بنيادي ضروري شيون عام بازار جي مقابلي ۾ سستي اگه تي ميسر ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي ته جيئن ان سان بعنواني ۽ رشوت خوري جو سدباب ٿي سگهي.اهو ڪڏھن ٿي سگهي ٿو؟ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو ٿو










