لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي فاسٽ بالر حسن علي ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو. لنڪا شائر لاءِ حسن علي گلوسٽر شائر خلاف اننگز ۾ 17 اوورن ۾ 47 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون. ان موقعي تي حسن علي چيو ته 5 وڪيٽون وٺڻ هڪ فاسٽ بالر لاءِ هميشه خوشي جو باعث هوندو آهي ۽ اها ڪارڪردگي منهنجي لاءِ به خوشي جو باعث آهي. ٻئي طرف مڊلسڪس طرفان کيڏندڙ شاهين شاهه آفريدي گليمورگن خلاف ٽي وڪيٽون ورتيون.










