مٺي جو ستر ڪروڙ کان وڌيڪ جو ٽيڪس فري بجٽ منظور

مٺي جو ستر ڪروڙ کان وڌيڪ جو ٽيڪس فري بجٽ منظور

مٺي (لیاقت نھڙیو) چئيرمين ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو سال 2019.20 جي 5 لک 74 هزار 124 روپين واري ٽيڪس فري بچت واري بجيٽ پيش ڪريي ڇڏي جيڪا ايوان جي ميمبرن پاران يڪراءِ سان منظور ڪئي وئي . تفصيلات موجب  ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جو بجيٽ اجلاس شهيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس مٺي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 2019.20 ۾ ٽوٽل آمدني جو ڪاٿو 70 ڪروڙ 33 لک 95 هزار 248 روپيا، ٽوٽل خرچ جو ڪاٿو 70 ڪروڙ 28 لک 21 هزار 124 روپيا لڳايو ويو، اهڙي طرح ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 55 ڪروڙ 68 لک 14 هزار روپيا مختص ڪيا ويا جنهن ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 11 ڪروڙ ، 38 لک 50 هزار ۽ نئين اسڪيمن جي لاءِ 44 ڪروڙ 29 لک 64 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن . قدرتي آفتن جي لاءِ 30 لک روپيا ، ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ 9 ڪروڙ 19 لک 9 هزار 895 روپيا ، پينشن جي مد ۾ 95 لک 9 هزار 229 روپيا ، گريجوئٽي جي مد ۾ 70 لک روپيا ، متفرق خرچ جي مد ۾ 2 ڪروڙ 84 لک 8 هزار روپيا ، مالي سهائتا لاءِ 20 لک روپيا ، ملازمن جي ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪالر شپ لاءِ 5 لک روپيا گرانٽس ۾ پريس ڪلب لاءِ 1لک روپيا ، بارجي لاءِ 1 لک روپيا ، مدرسن لاءِ 1 روپيا ، مندرن لاءِ 1 لک روپيا ، غريبن جي سهائتا لاءِ 5 لک روپيا مختص ڪيا ويا آهن.

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اجلاس جو ڏيک

چارجڊ خرچن ۾ حڪومت خرچ لاءِ 2 لک 80 هزار روپيا مختص ڪيا ويا آهن . ضلعي ڪائونسل چئيرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو خطاب ڪندي چيو ته هن سال بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي ۽ هي بجيٽ ٽيڪس فري بجيٽ آهي جيڪا ٿر جي عوام جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي . هن گذريل سال جي ڪارڪردگي ٻڌائيندي چيو ته ملازمن جي واجبات ڏيڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن جي سروي ڪري ۽ ميمبرن جي سهڪار سان ٿرپارڪر ضلعي  ۾  45 ڪروڙ روپين جا رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا جنهن ۾ خاص طور تي ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو هو تنهن ڪري پاڻي جي اسڪيمن کي اهميت ڏيندي اهي اسڪيمون ڪرايون ڇا ڪاڻ ته ٿر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو هو جيڪو ڪافي حد تائين حل ڪيو ان کان علاوه ننگرپارڪر ۾ هڪ بهترين ريسٽ هائوس ٺهرايو ويو آهي جيڪو مڪمل ٿي چڪو آهي ان سان ڪائونسل جي آمدني ۾ به اضافو ٿيندو ۽ ٿر ۾ برساتن جي موسم ۾ ٿر ۾ تفريح جي لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ به سهولت ميسر ٿيندي .بجيٽ اجلاس ۾ وائيس چئيرمين ڪرني سنگهه، چيف آفيسر ضلع ڪائونسل محمد ملوڪ خاصخيلي  ۽ ڪائونسل ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو