اسلام آباد(بيورو)سنڌ جي وڏي وزير ميهڙ واقعي تي حڪومتي رد عمل جي سستيءَ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ ملاقاتون ٿي رهيون آهن، هونئن به اهڙو پاور پلانٽ آهي جيڪو ميرٽ جي چوٽي تي آهي ۽ سستي بجلي فراهم ڪري ٿو، هي پلانٽ سستي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي جنهن مان ڪي اليڪٽرڪ. بجلي وٺندو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جا سمورا دعوا غلط هئا، هاڻ هڪ تجربيڪار ٽيم آئي آهي ۽ اها ان کي ڏسندي، اسان کي انهن ساڍن سالن ۾ 5 سال ڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان اليڪشن ۾ وياسين ته عوام کي 5 سالن جو حساب طلب ڪندو،مراد علي شاهه چيو ته عمران خان وقت بوقت بيانن سان گهمي ڦري ٿو، عمران خان کي پنهنجا بيان شايد ياد نه هجن پر ماڻهو ياد رکن، سندس حڪومت نااهلي، نااهلي سبب هلي وئي، عمران خان مسلسل ناڪام ٿي رهيا آهن، هاڻي سندن ئي نااهل ٿي رهيو آهي. بيان ڪم نه ڪندو، اهي لکين رپيا گڏ ڪري پاڻ چارٽر جهاز ۾ ايندا آهن.سنڌ جي وڏي وزير اعتراف ڪيو ته دادو باهه واقعي تي اسان جو جواب دير سان آيو، 7 ڏينهن ۾ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان کي ٺيڪ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي جو ڪم آئين جي پاسداري ڪرڻ آهي، صدر وٽ ٻه آپشن آهن هڪ ته آئيني ذميواري پوري ڪري يا استعيفيٰ ڏئي.مراد علي شاهه چيو ته ساڍن ٽن سالن کان سنڌ جا ڪيترائي مسئلا هئا پر ان وقت چونڊيل وزيراعظم هڪ به فون نه ڪيو هو، هاڻ موجوده وزيراعظم چيو آهي ته سندس آفيس عوام جي مسئلن جي حل لاءِ موجود آهي.










