ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور مان ھڪ ھفتو اڳ مبينا اغوا ٿي ويل ڊکڻ اسڪول واسي مرزا سومرو بازياب نه ٿي سگهيو وارثن پاڪ ڪتاب کڻي انڊس هاءِ وي روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو پوليس سکڻا آسرا ڏيئي رهيي آهي مغوي کي ڀاءُ کي بازياب نٿي ڪرائي، وارث، خبر موجب ڪشمور ويجھو ڊکڻ اسڪول وٽان مبينا اغوا ٿي ويل بورچي مرزا سومرو بازياب نه ٿيو وارثن قيوم سومرو پنھل سومرو ظفر سومرو وارث عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي ڪنڌڪوٽ ڪشمور انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معتل رهڻ بعد پوليس ۽ ٻين چڱن مڙسن ڳالھيون ڪري ٽن ڏينهن جي مھلت وٺي روڊ کولرايو وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس لڳاتار سکڻا آسرا ڏيئي رهي آهي ھفتو گذري وڃڻ باوجود ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل مرزا سومرو جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي مغوي بورچي مرزا سومرو جي وارثن آئي جي سنڌ ڊي آئ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي پئي وڃي ته مرزا سومرو کي اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت پرامن احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو










