اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي حڪومت جي هڪٻئي وڪيٽ اڏائي ڇڏي، بلوچستان مان آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي حڪومت جي حمايت ختم ڪري عدم اعتماد جي رٿ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. زرداري هائوس ۾ بلاول ڀٽو، آصف علي زرداري، سردار اختر مينگل ۽ مولانا غفور حيدري به موجود هئا. اسلم ڀوتاڻي چيو ته منهنجو آصف علي زرداري سان ٽن ڏهاڪن کان پراڻو تعلق آهي هن کي انڪار نٿو ڪري سگهان. ياد رهي ته بلوچستان عوامي پارٽي جا 4، جمهوري وطن پارٽي جو اڳواڻ شاهه زين بگٽي اڳ ۾ ئي حڪومت جي حمايت ختم ڪري عدم اعتماد جي رٿ جو اعلان ڪري چڪا آهن. جڏهن ته مسلم ليگ (ق) جي 5 ميمبرن مان 4 عدم اعتماد جي حمايت ڪري رهيا آهن جن ۾ هائوسنگ جي وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ طارق بشير چيما به شامل آهي. اپوزيشن وٽ 162 پنهنجا ميمبر آهن جن مان ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد پي پي ميمبر ڄام عبدالڪريم دبئي ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي جو غوث بخش مهر ۽ صدرالدين شاهه به عدم اعتماد جا حامي آهن. عدم اعتماد لاءِ 173 ميمبر گهربل آهن پر ماضي ۾ مرحوم ظفرالله خان جمالي 172 ووٽ حاصل ڪري وزيراعظم ٿيو هو. حڪومت جو حامي سيد علينواز شاهه به جلد پي پي ۾ شامل ٿيندو ۽ هو بلاول کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ووٽ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي. مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چئي چڪو آهي ته آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽي بعد ۾ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ 5 ميمبر به عدم اعتماد جي حمايت ڪري چڪا آهن. نور عالم خان ۽ پي ٽي آءِ جون عورتن جي سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ ۽ اقليت جي سيٽ وارو رميش ڪمار اڳ ۾ ئي سنڌ هائوس آيا هئا ۽ انهن به عدم اعتماد جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.










