اسپتال جي پاڻي جي ٽانڪي مان وڏي پيماني هٿيار هٿ

اسپتال جي پاڻي جي ٽانڪي مان وڏي پيماني هٿيار هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شاهه فيصل ڪالوني ۾ سرڪاري اسپتال مان هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪئي وئي آهي. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪارڊيڪ ايمرجنسي سينٽر جي پاڻي جي ٽانڪي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هٿ آيل هٿيارن ۾ ڪلاشنڪوف، رائفل، پستول ۽ بارود شامل آهن. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هٿيار منظم نيٽ ورڪ جا لڳن ٿا، جيڪي لڪايا ويا هئا، هٿيارن جي فرانزڪ ڪئي پئي وڃي، جاچ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو