حيدر آباد(پ ر)ملڪ جي وفاقي پارٽين ۾ڪوبه نظرياتي، فڪري يا عوام جي مفادن واري ايجنڊا ناهي، انهن کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي کَل بچائڻ جي لاءِ جهيڙو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو سينٽرل باڊي جي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ جي اندر هڪ سازش تحت ڌارين جي آبادڪاري کي هٿي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڌارين جا سنڌ ۾ ووٽ داخل ڪري کين سنڌ جي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار ڏنا پيا وڃن. هنن سمورن سازشن ۾ پ پ پ جو وڏو ڪردار بڻيل آهي. پ پ پ همشه اقتدار جي لاءِ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندي رهي آهي. هاڻي به اقتدار جي حاصلات لاءِ هڪ پاسي پي ٽي ايم سان لڪيل معاهدا ڪيا آهن ته ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جا سنڌ دشمن شرط تسليم ڪيا ٿا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جي اندر بدامني لاقانونيت جو راڄ آهي. اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ، قادر چنا ،امتياز سمون ۽ نثار ڪيريو شرڪت ڪئي.










