ٿر جو ڳائو مال بدين پهچي ويو، لمپي اسڪن عام جام

ٿر جو ڳائو مال بدين پهچي ويو، لمپي اسڪن عام جام

گولاڙچي(رپورٽ:  دلنواز جتوئي) ضلعي جي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾لمپي اسڪن بي قابو،تعلقي گولاڙچي ۾ وٿاڻن جا وٿاڻ خالي،لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مالوندن سان سھڪار نه ڪرڻ سبب ڀاڳيا شديد پريشان،چوپائي مال جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه لا۽ جاري ڪيل فنڊ ھڙپ،لائيو اسٽاڪ کاتي بيماري جي روڪٿام لا۽ ٽڪي جو ڪم نه ڪيو،رپورٽ موجب ڪراچي سميت ٻين ضلعن کانپوء لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهلي ۽ مجرمانه غفلت سبب لمپي اسڪن نالي موتمار بيماري بدين ۾ ڪر کنيو آھي.لمپي اسڪن بي قابو ٿيڻ سبب گولاڙچي ، احمدراجو،گھڙو،ترائي سميت ضلعي ۾ سوين ڳائو مال موت جو کاڄ بڻجي ويا آھن.جڏنھن ته ذڪر ڪيل علائقن ۾ سوين جي تعداد ۾ ڳائو مال روزانو لمپي اسڪن ۾ وٺجي رھيا آھن. ٿر جي ڏڪاريل ڏيهه مان لکين جي تعداد ۾ ڳائو مال جو بدين جي بيراجي علائقن ۾ لڏپلاڻ آھي. مالوندن مطابق ھر سال جيان ھن سال به ٻه لک کان وڌيڪ ڳائو مال بدين جي بيراجي علائقن ۾ ترسيل آھي. اڃا تائين چوپائي مالن ۾ ويڪسينيشن جو عمل شروع نه ٿي سگھيو آھي.ان سموري صورتحال بابت ڄاڻ وٺن لا۽ جڏنھن لائيو اسٽاڪ کاتي بدين جي انچارج ڊاڪٽر زين سان رابطو ڪيو ويو ته ھن ان سنجيده مامري بابت موقف ڏيڻ گوارہ نه ڪيو بدين جي مالوندن جو ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز کان مطالبو آھي ته ان سنجيده مامري جو نوٽيس وٺندي لائيو اسٽاڪ جي نااھل ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪندي مالوندن سان سھڪار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو