اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته منحرف ٿيل 7 ميمبر اسان وٽ واپس اچي ويا آهن، اتحادين کان به اميد آهي ته انهن جو فيصلو ڪجهه ڏينهن يا 24 ڪلاڪن ۾ اچي ويندو. اسلام آباد ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته پرويز خٽڪ ۽ مون جهانگير ترين گروپ سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هنن يقين ڏياريو آهي ته حتمي فيصلو اسان جي مشاورت سان ڪيو ويندو. ”مون اڳ ۾ چيو آهي ته اسان وٽ شطرنج آهي، اسان وٽ چالون آهن ۽ اسان وٽ مستقبل آهي،“ هن چيو. ”انهن کي خبر ناهي ته ڪيڏانهن وڃون، هن کي اها خبر ناهي ته عمران خان جي مقبوليت وڌي وئي آهي. هن چيو ته هاڻي اسان چاهيون ٿا ته اجلاس جلد گهرايو وڃي ته جيئن اهو مسئلو حل ٿي سگهي ۽ ٻيهر قومي معيشت تي ڌيان ڏئي سگهجي.










