پي ٽي آءِ جو سنڌ هائوس تي حملو، 2 ايم ايز ۽ ڪارڪن گرفتار

پي ٽي آءِ جو سنڌ هائوس تي حملو، 2 ايم ايز ۽ ڪارڪن گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ هائوس تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ٻن ايم اين ايز سميت جن به ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس ٻنهي ايم ايم ايز سميت ڏهه کان 12 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

وفاقي راڄڌاني مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سنڌ هائوس ٻاهران ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن سنڌ هائوس ريڊ زون ۾ داخل ٿي احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران سنڌ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو. اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري سنڌ هائوس ٻاهران پهچي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي. ان دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسلام آباد پوليس جي ايس پي سان بدتميزي ڪئي ۽ سنڌ هائوس ٻاهران واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پي ٽي اءِ ڪارڪنن حملو ڪري سنڌ هائوس جو گيٽ ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا، اسلام آباد پوليس تماشو ڏسندي رهي. ايم اين اي عطاءُ الله نيازي به ڪارڪنن سان گڏ آهي. پوليس بعد ۾ کين هائوس کان ٻاهر ڪڍيو، گيٽ ٽوڙڻ جي شروعات ايم اين اي ڪئي، هڪ ٻيو ايم اين اي فهيم خان به هنن سان گڏجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو