نيوي ۾ ڀرتي شروع، سنڌين لاءِ عمر ۽ مارڪن ۾ رعايت

نيوي ۾ ڀرتي شروع، سنڌين لاءِ عمر ۽ مارڪن ۾ رعايت

نواب شاھ (ن سنڌيار)ڪمانڊر پاڪستان نيوي ڀرتي مرڪز شهيد بينظيرآباد ظفر اقبال هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان نيوي ۾ بطور سيلر (2022B-)بيچ۾شموليت لاءِ رجسٽريشن 26 مارچ 2022ع تائين جاري رهندي. پڌرائي ۾وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيڪنيڪل برانچ ۾ تعليمي قابليت ميٽرڪ (سائنس) ، گهٽ ۾ گهٽ مارڪون 50 سيڪڙو ، قد 5 فٽ 4 انچ ۽ عمر 16 کان 21 سال جڏهن ته ميرين برانچ ۾ تعليمي قابليت ميٽرڪ سائنس (مارڪس 45 سيڪڙو)، قد 5 فٽ 6 انچ  عمر 17 کان 22 سال هجي رجسٽريشن جا خواهشمند نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اصل ڪاغذن سان گڏ پاڪستان نيوي ڀرتي مرڪز اچن يا آن لائن رجسٽريشن جي لاءِ پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ www.joinpaknavy.gov.pk  وزٽ ڪن يا وڌيڪ معلومات لاءِ هن فون نمبر 02449370123 تي رابطو ڪن .پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ نوجوانن کي ميٽرڪ جي مارڪن ۾ 15 سيڪڙو ۽ عمر جي حد ۾ هڪ سال جي خاص رعايت ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو