امتحان ۾ دوستن جو ساٿ ڇڏڻ نه گهرجي، شيخ رشيد

امتحان ۾ دوستن جو ساٿ ڇڏڻ نه گهرجي، شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 5ووٽن تي بليڪ ميلنگ جي ڳالهه ڪئي ته ماڻهو ڪاوڙجي پيا، مون مسلم ليگ (ق) ۽ چوڌرين جو نالو نه کنيو هو، چوڌري شجاعت لاءِڪڏهن به غلط نه ڳالهائيندس. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سياست ۾ تلخيون گهٽائڻ گهرجن، اسان اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا. هن چيو ته انسان کي امتحان وقت دوستن کي نه ڇڏڻ گهرجي، جيڪو عمران خان سان گڏ هوندو، اُن کي هر هنڌ عزت ملندي. هن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو اختيار آهي ان کي اجلاس گهرائڻ بابت فيصلو ڪرڻو آهي، انصار الاسلام يا ٻي مليشيا اسلام آباد آئي ته چٿي ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو